آپ سڌارڪ منڊل

آپ سڌارڪ منڊل: هي منڊل (سنگت/تنظيم) سن 1932ع ۾ شڪارپور شهر جي مشهور تعليمي اداري خوبسنگهه منگهن سرتو مل هندو سنڌي اسڪول نمبر اول (هاڻوڪي اسڪول پرائمري لکي در) پاران قائم ڪيو ويو هو. هن منڊل جو روح روان اسڪول جو هيڊ ماستر ٺڪر هولا رام سهجرام هو. هن منڊل پاران ٻاراڻي ماهوار رسالي ’ٻالڪ‘ کان سواءِ خاص ڏينهن تي پڻ يادگار ڪتاب ۽ پمفليٽ شايع ڪري ٻارڙن ۾ مفت ورهايا ويندا هئا. آڪٽوبر 1935ع ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر ٺڪر هولارام جو ترتيب ڏنل 24 صفحن تي مشتمل طبي نسخن جو هڪ ڪتاب ’قدرتي گهرو علاج‘ نالي شايع ڪيو ويو هو. هن منڊل پاران اسڪول جي سالياني ڪارڪردگيءَ جون رپورٽون به شايع ٿينديون هيون. ورهاڱي کان پوءِ هي منڊل بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.00.00  عيسوي

آپ سڌارڪ منڊل: هي منڊل ( سنگت/تنظيم ) سن 1932ع ۾ شڪارپور شهر جي مشهور تعليمي اداري خوبسنگهه منگهن سرتو مل هندو سنڌي اسڪول نمبر اول ( هاڻوڪي اسڪول پرائمري لکي در ) پاران قائم ڪيو ويو هو



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽئڪسي ڊرائيورز يونين
ايم آر ڊي
خوشاب نيوڪليئر ڪامپليڪس
انٽرنيشنل پيس بيورو
انواد سوسائٽي بمبئي
جلال الدين ٺٽوي جي درسگاهه
انجمن همدرد اسلام
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
داداڀائي گروپ آف ڪمپنيز
پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون